الحنيف 1

الحنيف (اخبار): هيءُ هفتيوار سنڌي اخبار پير آقا محمد حسن جان سرهنديءَ جي سرپرستيءَ هيٺ ڳوٺ جاڳڻ تعلقي شڪارپور مان 1925ع ڌاري جاري ٿي. هن اخبار جو پهريون ايڊيٽر غلام نبي عبدالسميع قريشي هو. حافظ خير محمد اوحديءَ هن اخبار جي اجراءُ جو سال 1934ع ڄاڻايو آهي. هيءَ اخبار پهرين سنڌ زميندار پريس سکر مان شايع ٿيندي هئي. پوءِ شڪارپور ۾ هڪ الڳ عمارت وٺي پريس لڳائي وئي. 1926ع ۾ هن اخبار جو ايڊيٽر نامور صحافي ۽ اديب ڪريم بخش ٽانوري مقرر ٿيو. هيءُ اخبار پهرين ديني تبليغ لاءِ استعمال ٿيندي هئي، بعد ۾ سياسي رنگ اختيار ڪيائين. 1929ع ۾ هن اخبار جو ايڊيٽر محمد حسين کهاوڙ مقرر ٿيو. 1930ع ۾ هن اخبار کي جيڪب آباد منتقل ڪيو ويو. مولوي ابراهيم خليل پڻ ڪجهه عرصو هن اخبار جو ايڊيٽر رهيو. حافظ خير محمد اوحدي هن اخبار لاءِ لکي ٿو ته: ”الحنيف اخبار جو آواز اسرا فيل جي صور هو. جنهن صدين کان ستل قوم کي غفلت جي ننڊ مان بيدار ڪيو ۽ ان کي برطانوي سامراج خلاف ميدان ڪارزار ۾ آڻي کڙو ڪيو“، حافظ خير محمد اوحدي به هن اخبار جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر رهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو